سنڌ

ڄامشوري مان 3 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل ناري جي وارثن جو احتجاج

ڄامشوري مان 3 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري ڪرينا تماچي بازياب نه ٿي سگهي. ناري جي بازيابي لا وارثن ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مبينا طور اغوا ٿيل ناري جي وارثن جو چوڻ هو ته ٽي مهينا اڳ ٽول پلازه وٽ اسان جي نياڻي ڪرينا تماچي کي سليم لنڊ، مختيار کوسو زوري هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن، ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو آهي پر پوليس اڃان تائين اسان جي نياڻي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. سليم لنڊ جي ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لا مسلسل اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، ان لا فوري طور نياڻي ڪرينا تماچي کي بازياب ڪرائي اغوا ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button