سنڌ

جماعت اسلامي پاران لوڪل گورنمنٽ آرڊيننس رد،تحريڪ جو اعلان

جماعت اسلامي سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس ترميمي بل کي رد ڪندي 3 ڊسمبر جمع جي ڏينهن کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ ۽ احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران سنڌ لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل آئين ۽ قانون سان ٽڪراءُ آھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت بلدياتي ادارن ۾ پيدائشي سرٽيفڪيٽ، فوتي سرٽيفڪيٽن، بنيادي صحت مرڪز، وڏيون اسپتالون، هيلٿ ڊسپينسريون، پرائمري اسڪول، واسا، عباسي شھيد اسپتال، ڪراچي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آھن. هن چيو ته بلدياتي نظام ماڻھن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لا هوندو آھي پر ان جا اختيار ڦرڻ غير جمهوري عمل آھي ۽ جمهوريت جي دعويدارن کي عوام جي بنيادي حقن جو خيال رکڻ گهرجي. هن چيو ته احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ ٻين سياسي جماعتن سان رابطو ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button