پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ همراهه جي قتل ڪيس ۾ سندس ٻي زال ۽ سس بري

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ 7 مھينا اڳ تعلقي ٿاڻي جي حد ۾ محمد ابراھيم لغاري کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي جمڙائو ڪئنال ۾ اڇلايو ويو ھو، جنھن بعد مقتول جي ڀا جي فرياد تي مقتول جي ٻي زال حميرا عرف ڀوري ۽ سندس سس الهبچائي عرف مني سميت 8 جوابدارن خلاف تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، جنھن ڪيس جي ڪالھه ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ڏوھه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت حميرا، مسمات الهبچائي عرف مني، راجا مير زمان، احمد علي ۽ انور علي کي بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو، جڏھن ته انور علي کانسوا ٻن عورتن سميت 4 جوابدار 7 مھينن کان جيل ۾ ھئا. ساڳئي ڪيس ۾ 3 جوابدار جنت، فاطمه ۽ جوابدار آصف ڪلر روپوش آھن. جڏھن ته جوابدار ڌر جي ڪيس جي پيروي وڪيل توصيف چانڊيو ڪري رھيو ھو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button