پاڪستانخيبرپختونخوا

پشاور ۾ جلسي تي بلاول ڀٽو،خورشيد شاهه،مراد علي شاهه کي نوٽيس

پشاور :پشاور ۾ مڪاني چونڊن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي اليڪشن ڪميشن طرفان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. 30 نومبر تي بلاول ڀٽو زرداري سميت پارٽي جي ٻين اڳواڻن پشاور ۾ پارٽي جي يوم تاسيس جلسي کي خطاب ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومي اسيمبلي ميمبرن خورشيد شاهه، عبدالقادر پٽيل، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، سعيد غني، نثار کهڙي ۽ ڪي پي اسيمبلي ميمبر نگهت اورڪزئي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. ريجنل اليڪشن ڪمشنر موجب خيبر پختونخوا ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊيول جو اعلان ٿي چڪو آهي. بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين پابندي باوجود جلسي ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا سياسي جماعتن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اسيمبلي ميمبرن سميت سڀني عهديدارن کي مڪاني چونڊن جي مهم ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو هو. جلسي کي خطاب ڪري سياسي جماعتن جي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن سڀني کي 3 ڊسمبر تي ساڍي يارهين وڳي ريجنل اليڪشن ڪمشنر پشاور وٽ طلب ڪري ورتو آهي ۽ پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان حوالي ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button