پاڪستانسنڌ

مقصودو رند لڳ اسڪول ۾ پروگرام، ملهه مقابلا

مقصودو رند: مقصودو رند لڳ ڳوٺ خان رند جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ون (1) ۾ استادن شوقين علي رند ۽ استاد عبدالقادر رند پاران شاندار ثقافتي پروگرام ڪرايو ويو، ثقافتي پروگرام ۾ استادن ۽ شاگردن قومي لباس پھري قومي گيتن تي خوب رقص ڪيو. شاگردن پاران انساني زنجير ٺاهي سنڌ ما سان پيار جو اظهار ڪيو، ثقافتي پروگرام ۾ شاگردن ۾ سنڌ جي ثقافتي ۽ قومي راند ملھه راند پڻ ڪرائي وئي. شاگردن پاران ثقافتي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي استادن شوقين علي رند، استاد عبدالقادر رند ۽ شاگردن چيو ته 5 ڊسمبر جو ثقافتي ڏھاڙو اسان لاءِ عيد وانگر آھي ۽ اسان انھي ڏھاڙي کي ڀرپور نموني سان ملھائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button