اسلام آبادپاڪستان

وفاقي سرڪار پاران اليڪشن ڪميشن کي فنڊ نه ڏيڻ بليڪ ميلنگ آهي:سعيد غني

اسلام آباد:پاڪستان پيپلزپارٽي چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري نه ڪرڻ بليڪ ميلنگ آهي. اليڪشن جا اسٽيڪ هولڊر عوام ۽ سموريون سياسي پارٽيون آهن. اهڙو قانون جنهن سان ڪوئي متفق نه ٿئي جيڪو نافذ نه ٿي سگهي، پي ٽي آئي صاف شفاف اليڪشن جي ڳالهه ڪري ته ان کان وڏو مذاق ڪوئي نٿو ٿي سگهي. اسان اليڪشن ڪميشن سان گڏ بيٺا آهيون، ان جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين. ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته پي ٽي آئي ۽ پي ڊي ايم به جلسا ڪيا پر گهڻا ماڻهو شريڪ نه ٿيا. هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينا اجلاس ۾ چيو ويو ته اي وي ايم کي استعمال نه ڪيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري نه ڪرڻ تي غور ڪندي. هي وفاقي حڪومت جي وڏي بليڪ ميلنگ آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي مفلوج بنائڻ جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي. هن چيو ته ڊسڪا اليڪشن، چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن پي ٽي آئي جي ڌانڌلي جو ثبوت آهي. چيئرمين سينيٽ جي خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ جيڪو ٿيو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته وزيراعظم مهانگائي جو ذميوار سنڌ کي قرار ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم سنڌ جي انهن ٽن شگر ملن جو نالو ٻڌائي جن جي ڪريشنگ سنڌ حڪومت روڪرائي. هن چيو ته سوگهو ڪرڻو آهي ته فخر امام کي ڪريو، جنهن قومي اسيمبلي جي فلور تي چيو ته 66 لک ٽن ڪڻڪ ڪيڏانهن وئي، خبر نه آهي، کنڊ اسڪينڊل ۾ ڪنهن هڪ اهڙِ شخص جو نالو ٻڌايو جيڪو اپوزيشن مان هجي. هن چيو ته ڪير اهڙو ڇا نالائق هو ته جنهن چيو 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿي. سنڌ حڪومت سڄي سيزن ۾ 12 لک ٽن ڪڻڪ ورتي، نالائق ته هي سڀ آهن پر وزيراعظم کي اهو سڀ ڪير ٻڌائي ٿو. سعيد غني چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي حڪومتن جي 10 سالن جي ڀيٽ ۾ تبديلي سرڪار ٽن سالن ۾ ان کان وڌيڪ قرض وٺي چڪي آهي. هن نااهل ۽ نالائق حڪومت جي ڪري عوام سخت پريشان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button