پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ثقافت جا رنگ نکري پيا، ملهه مقابلا ۽ تقريبون

ميرپورخاص/ ڪوٽ غلام محمد: ميرپورخاص ضلعي ۾ ثقافت جا رنگ نکري پيا، سنڌي ثقافت جي خوشي ۾ ملهھ ملاکڙو ٿيو. ڪوٽ غلام محمد ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص جي گلستان بلديا پارڪ ۾ ملھه راند جو ملاکڙو رٿيو ويو. جنھن ۾ پھرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي ملھه پھلوانن پنھنجا جوھر ڏيکاريا. ملهھ ملاکڙي ۾ اڳوڻي ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر، پ پ اڳواڻ غلام قادر مري، ايس ايس پي ميرپورخاص ڪئپٽن رٽائرڊ اسد علي، ايڊووڪيٽ علي حسن چانڊيو سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي کٽيندڙ ملهه پھلوانن کي روڪ انعامن سان نوازيو ويو. تقريب ۾ ڳالھائيندي شرڪت ڪندڙن چيو تھ ثقافتي ڏھاڙي سان سنڌ جي ثقافت سان گڏ اسان جي اصلوڪين راندين کي بھ ھٿي ملي آھي. ڪوٽ غلام محمد ۾ ثقافتي رنگ نروار ٿي رهيا آهن. دي لارل ايجوڪيشن سسٽم اسڪول ۾ پرنسيپل محمد اسلم قائمخاني پاران علم پرايو سنڌ سنواريو جي سري هيٺ ثقافتي رنگن سان جهرڪيل پروقار تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ گهوڙا آڻڻ سميت جهنڊ ۽ کوهھ سميت مختلف قسمن جا ثقافتي ماڊل پيش ڪري سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب بابت شاگردن کي آگاهي ڏني وئي. تقريب ۾ ثقافتي ويس وڳا پهريل شاگردن سنڌي ڳيتن تي ٽيبلوئ پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ٻئي طرف ڳوٺ منرو ڪولهي ۾ سيف جي سهڪار سان هلندڙ دي ڪنجل فيري ايليمٽري اسڪول ۾ سومار ميگهواڙ ۽ هيڊ ماستر ساجن ڪمار ميگهواڙ پاران تقريب ڪوٺائي وئي. جنهن ۾ اجرڪون ٽوپيون پهريل ٻارڙن سنڌي ڳيتن تي جمهريون هڻي رقص ڪري سنڌ جي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button