پاڪستانسنڌ

کپرو ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا رهواسين جو احتجاج

کپرو: کپرو ۾ شھرين کاهي پوليس پاران امام بخش درس جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف خدابخش درس، محمد ملوق درس، اصغر عليماڻي درس، صادق درس، اڪبر مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي. ان موقعي تي بک هڙتال تي ويٺل اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مٿوڻ ۾ ڪجهھ وقت اڳ بااثرن سول جج جي ڀاءَ کي سر عام لٺين ۽ ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن خلاف مقتول جي خون جي ايف آ آر ڪٽجڻ باوجود ڪيس ۾ نامزد ڪيل مک جوابدار عمر چانيهون کي اڃا تائين کاهي پوليس ساڍا ٽي مهينا گزرڻ باوجود گرفتار ناهي ڪيو. هنن ڊي آ جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين جوابدار عمر چانيهون کي پوليس گرفتار نه ڪندي، تيستائين اسان جي هي بک هڙتال ڪئمپ اڻ اعلانيل مدي تائين جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button