پاڪستانسنڌ

چيلهار ۾ پرڻيل جوان عورت جي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش

مٺي: چيلهار جي نيوآباد پاڙي ۾ نوجوان ناري درشنا زال سروڻ ميگهواڙ گهر اندر پنکي ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي گهرڀاتين لٽڪڻ کان اڳ ڏسي ورتو ۽ بچائي ورتو. جڏهن ته ناري کي زخمي ۽ بيهوشي واري حالت ۾ چيلهار بعد مٺي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج هلندڙ آھي. معلوم ٿيو آھي ته نوجوان ناري جي 8 مهينا اڳ شادي ٿي هئي ۽ گهرو اڻبڻت سبب خودڪشي ڪرڻ جو قدم کنيو. ايس ايڇ او چيلهار ماجد ڪي ڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گهرڀاتين بروقت ڏسي ناري جي زندگي بچائي ورتي آھي، وارث مختلف ڳالهيون ڪن ٿا، پر خودڪشي ڪوشش جو پتو جاچ بعد پئجي سگهندو، واقعي جي گهڻ رخي جاچ شروع ڪئي آھي. هوڏانهن سول اسپتال جي ڊاڪٽرن موجب ناري اڃان بيهوش آھي، جنهن بابت في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ٻئي پاسي ناري جي خودڪشي بابت ساهرن جي ساڻس زيادتين جو مختلف چوٻول گردش ۾ آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button