پاڪستانسنڌ

سنڌ بار ڪائونسل جو سيڪريٽري عرفان علي مهر ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان قتل

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان علي مهر کي قتل ڪيو ويو آهي. ريسڪيو ذريعن موجب سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان علي مهر جي گاڏي تي فائرنگ جو واقعو گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ پيش آيو، کيس اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

اکين ڏٺن شاهدن مطابق 2 جوابدار هئا ۽ ٻنهي کي پينٽ شرٽ پهريل هئي، عرفان مهر کي فوري طور تي ويجهي خانگي اسپتال دارالصحت منتقل ڪيو ويو، جتي پهچڻ بعد ڊاڪٽرن ان جي موت جي تصديق ڪري ڇڏي، جڏهن ته واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به منظرعام تي اچي ويا، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته موٽرسائيڪل سوار ٻه هٿياربند ڪار جو پيڇو ڪندي نظر اچن ٿا ۽ جوابدار ڪار جي ويجھو پهچن ٿا ته پٺيان ويٺل هڪ جوابدار موٽرسائيڪل تان لهي عرفان مهر تي فائرنگ ڪري ٿو. هوڏانهن قتل ٿيل ڳڙهي ياسين واسي وڪيل عرفان مهر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عرفان مهر کي 5 گوليون لڳيون آهن، جنهن ۾ منهن تي 2، سيني تي 2 ۽ ڇاتي تي هڪ گولي لڳي آهي.

واقعي جي اطلاع تي سنڌ بار ڪائونسل جا ڪيترائي وڪيل پهچي ويا ۽ قاتلن جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو ۽ واقعي جي شديد مذمت ڪئي. ايس ايس پي اوڀر قمر رضا جسڪاڻي جو چوڻ آهي ته واقعي وقت گاڏي ۾ عرفان سان گڏ سندس ڀائيٽيو به هو، جيڪو محفوط رهيو، عرفان مهر کي 3 گوليون لڳيون آهن، پوليس کي واقعي واري هنڌان 30 بور پسٽل جا 3 خول لڌا آهن. ايس ايس پي اوڀر مطابق قتل جي شروعاتي جاچ ۾ ايس پي گلشن عبدالخالق پيرزادا ٻڌايو ته ظاهر ۾ عرفان مهر کي ٽارگيٽ ڪيو ويو پر چوڻ وقت کان اڳ آهي ته ان جي ڪنهن سان دشمني هئي، هن چيو ته ان معاملي کي به ڏٺو ويندو ته ڳڙهي ياسين ۾ مقتول وڪيل سان ڪنهن جي دشمني ته نه هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button