لاڙڪاڻي جي لاهوري پاڙي واسي هندو برادري جي ماڻهن بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان آڪاش ڪمار مائٽن سان گڏجي دانهيندي چيو ته 4 سال اڳ مان لاهوري پاڙي جي رهواسي ظهور احمد لاهوري کان 42 لک عيوض جڳهه خريد ڪئي هئي. هن الزام لڳايو ته جڳھه خريدڻ بعد پاڙي جا بااثر ڪاشف ميمڻ ۽ ظهير ميمڻ جڳهه تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. 29 آڪٽوبر تي چوري جو ڪوڙو ڊرامو رچائي پوليس ذريعي گهر تي چڙهائي ڪرائي، پوليس گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪندي اڍائي تولا سونا زيور، 2 لک ٻيو سامان کڻي وئي آهي، پوليس ۽ بااثرن خلاف عدالت ۾ڪيس داخل ڪرايو آهي، بااثر گهر خالي ڪرڻ سميت ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري سامان واپس ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close