پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ پوليس جي ظلمن ۽ سياسي انتقام خلاف تحريڪ انصاف جو ڌرڻو

مٺي: مٺي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سياسي انتقام ۽ ٿرپارڪر پوليس جي زيادتين خلاف وزيراعظم جي خاص معاون ارباب غلام رحيم جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻھن ڦانگاريو اسٽاپ وٽ اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻو هنيو آھي، جيڪو صبح 10 وڳي کان رات دير تائين جاري هو. ڌرڻي ۾ ٿر ضلعي جي سمورن شھرن ۽ ڳوٺن سميت عمرڪوٽ، بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن مان ارباب حامين ۽ تحريڪ انصاف ڪارڪنن سميت ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حامين جي قافلن ڌار ڌار جلوسن جي شڪل ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي سبب مٺي کان سنڌ جي سمورن ضلعن ڏانهن ويندڙ مک روڊ مڪمل طور بلاڪ ٿي ويا. ڪارڪنن ايس ايس پي ٿر، ڪلوئي ۽ ڏيپلو جي ايس ايڇ اوز خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڌرڻي کي ارباب غلام رحيم خطاب ڪندي چيو ته عمران خان کي سليڪٽيڊ چوندڙن کي اها به خبر ناهي ته ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي هيستائين سڀ سليڪٽيڊ ٿي اقتدار ۾ آيا آھن، ذوالفقار علي ڀٽو کي جرنيل ٻاهر کان آڻي اقتدار تي ويهاري ملڪ کي ٽوڙايو. عمران خان کي سلڪيٽيڊ چوندڙن کان پنهنجو ڪردار ڇو وسري ويو آھي، هاڻي ته پ پ ۾ به اصل پيپلا بچيا ئي ناهن. هن چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي فيصلو ڪري ته قاتل ڪير آھن، اسان کي قاتل ليگ چوندڙن جي گهرن ڏانهن قاتلن جا پيرا وڃن ٿا، مون کي پ پ وارن شموليت لا آڇون ڪيون، پر مون کي ڪرپٽ ۽ عياش مافيا سان گڏجڻ جي ضمير اجازت نه ڏني. هن چيو ته عمران خان رڳو پاڪستان نه پر سڄي دنيا جو ليڊر آھي، ان سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ضمير سان ڪيو. ارباب رحيم وڌيڪ چيو ته ٿر ضلعي اندر پوليس ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري رهي آھي، ٿري عوام کي اڪيلو ۽ ننڌڻڪو نه ڇڏيندس، مون عمرڪوٽ ۾ ڌرڻو هنيو هو ته ايس ايس پي گوڏا کوڙي اچي سامهون ويٺو هو، ٿر واري ايس ايس پي کي زمين تي مٿو کوڙائي ڏيکاريندس، سنڌ اندر ظلم ۽ زيادتين خلاف تحريڪ جي شروعات ٿر مان ٿي چڪي آھي، اهو سلسلو سڄي سنڌ تائين وڌائينداسين. ڌرڻو ختم ڪرائڻ لا اهم ڌريون فون تي رابطي ۾ آھن، پر ختم نه ڪنداسين. ڌرڻي ۾ ايم اين اي لال مالهي، ارباب انور جبار، ارباب طفر الله، دوست محمد ميمڻ، ارباب احسان الله، ارباب عنايت الله، قمرالدين راهمون، ارباب ابراهيم، ارباب ذوالفقار، دلاور مالڪاڻي، وڪيل لجپت سوراڻي، مرزا گروپ جي اڳواڻ دلبر سنڌي ۽ گومون ڀيل سميت اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي ارباب انور جبار، بئريسٽر ارباب ظفر الله، ايم اين اي لال مالهي، قمرالدين راهمون، لجپت سوراڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ اسان جي حامين ۽ سنڌ ۾ سياسي مخالفن کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي پوليس گردي جو راڄ قائم ڪيو ويو آھي، سنڌ سرڪار پوليس معرفت سياسي مخالفن جو جيئڻ جنجال بڻايو آھي. ٿر ۾ ونگاري ۽ ڪمدار ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز مقرر ڪيا ويا آھن، جيڪي بيگناهه سياسي مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائي رهيا آھن، وفاقي سرڪار ۽ عدالتن کي ٿر جي پوليس گردي سميت سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button