پاڪستانسنڌ

جهول ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس جي ظلم خلاف مظاهرو

جهول: جھول ٿاڻي جي ڳوٺ دودو خان ڀنڀرو لڳ رهندڙ ڳوٺاڻن حاڪم شر ۽ دلدار شر جي اڳواڻي ۾ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. انھي موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته 4 ڏينھن اڳ پوليس اسان جي هاري علي شير شر کي بيگناهھ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، پوليس سندس آزادي لاءِ رشوت طلب ڪري رهي آهي، پوليس کي رشوت ڏئي نٿا سگھون، نوجوان ڪنهن به ڪيس ۾ گھربل ناهي. نوجوان جي پيرسن ما ڀاڳل شر ڳالھائيندي چيو ته گهر ۾ ڪمائڻ وارو واحد پٽ هو، جنهن کي پوليس گم ڪيو آهي. هنن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته نوجوان کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button