پاڪستانسنڌ

ٿر جي شاگردن کي چيني ٻولي سيکارڻ لا ڪلاس شروع

اسلام ڪوٽ: ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ شنگهائي ڪمپني طرفان ٿر جي شاگردن کي چيني ٻولي سيکارڻ لاڪفيوشز انسٽيٽيوٽ يونيورسٽي آف ڪراچي سان معاهدو ڪيو ويو. گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ شنگهائي ڪمپني مائينگ جي سي او لي چيڪن، پاور پلانٽ جي سي او منگ، يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر چانگ شا پنگ معاهدي تي صحي ڪئي. معاهدي موجب اڄ کان ها اسڪول ۽ گرلس اسڪول اسلام ڪوٽ ۾ 60 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چيني ٻولي سيکارڻ شروع ڪئي ويندي. ان موقعي تي شنگهائي ڪمپني جي سي او خطاب ڪندي چيو ته شنگهائي ڪمپني جو مقصد هتان جي ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ سان گڏ تعليمي ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چيني ٻولي سيکارڻ لا ڪلاس شروع ڪري ڇڏيا آهن. تقريب ۾ رٽائر برگيڊيئر فرخ نسيم، چيني انجنيئرن، تعليم ۽ روينيو کاتي جي آفيسرن سميت ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button