پاڪستانسنڌ

کپري ۾ ثقافتي ميلو جاري، ملاکڙي جا زبردست مقابلا

کپرو: کپرو سينيئر جرنلسٽ پاران سجايل ثقافتي ميلي ۾ سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جا چوٽي جا مقابلا ٿيا. پهرئين جوڙ ۾ پهلوان قربان هوٿيپوٽو سوڀارو ٿيو. ٻي جوڙ ۾ علي دوست شر ۽ ٽئين جوڙ ۾ جان محمد مڱريو سوڀارا. لالا غلام حسين پٺاڻ ملاکڙي ۾ ڇانيل رهيو. هڪ ملهه ۾ مخالف پهلوان کي دسي ٻانهين ۾ اڌ لک رپيا انعام کنيائين. ميلي ۾ امتياز حسن درس مهمان خاص طور شرڪت ڪئي ۽ پهلوانن کي انعام ڏنا. ان موقعي امتياز حسن درس ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تاريخ ثقافت، تهذيب ۽ تمدن عظيم تر آهي، اهڙا قسم جا ثقافتي ميلا لڳڻ سان ثقافتي راند ملهه کي هٿي ملندي. ان موقعي تي پ ٽ الف تعلقي کپرو جا اڳواڻ عباس شاهه، پير بخش راڄڙ، محمد خان شفيع چانهيون، ملوڪ هنڱورجو، ياسين هنڱورجو، آر بي ڪيريو، ضمير ملڪ، پير بخش هنڱورجو ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button