قمبر: قمبر ۾ بدامني خلاف شهرين، سياسي سماجي اڳواڻن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پريس ڪلب آڏو پوليس خلاف مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڪامريڊ نظير احمد تنيو، اخلاق حسين شاهه، ذوالفقار علي شاهھ، محمد جان بروهي، سراج الدين چانڊيو، نثار احمد ڏيپر، پيارل پنهور، عبدالغفار چانڊيو، رياض دائوداڻي ۽ ٻين چيو ته شهر جي امن امان جي صورتحال تمام خراب ٿي وئي آهي، پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي، هڪ مهيني اندر 20 کان 25 موٽرسائيڪلون چوري ٿي ويون آهن. 2 ڏينهن اڳ حاجن مڱريو کي کنڀي گم ڪيو ويو، عام شهرين کي گهرن مان کنڀي گم ڪري ڳري رشوت وٺي آزاد ڪيو پيو وڃي، شهر جا پوليس آفيسر ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي ملڻ لاءِ تيار نه آهن. پوليس آفيسر ڏوهارين جي سان ٻٽ بڻيل آهن. هنن ايس ايس پي قمبر-شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته شهر جو امن امان بحال ڪري ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close