ڪجهه ڏينهن اڳ سيالڪوٽ شهر ۾ هڪ مڇريل ميڙ سريلنڪا واسي کي ساڙي ماري ڇڏيو هو. ان معاملي تي عالمي دنيا مان جيڪي تاثر پاڪستان لاءِ اڀريا، حڪومت ان جون وضاحتون ڏيڻ ۾ پوري هئي ته مٿان وري فيصل آباد ۾ هڪ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، جنهن سان هڪ ڀيرو وري سڀني جا ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويا آهن. ائين ٿو لڳي ته سماج جي هر ميڙ اهو طئي ڪري ورتو آهي ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي خلاف کيس اهو حق ملي ويو آهي ته اهو ڪوبه فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهي. اهو ڪنهن کي ساڙي ماري به سگهي ٿو ته عورتن کي ڪپڙن کان آجو ڪري کين بازار ۾ به گهمائي سگهي ٿو. فيصل آباد ۾ اهڙو ئي واقعو ٿيو آهي. جنهن ۾ عورتن کي ڪپڙن کان آجو ڪري باراز ۾ سرعام بيهاريو ويو ۽ انهن جون وڊيو ٺاهيون ويون آهن. ان واقعي کان پوءِ نه رڳو اسان جي ذهني ڪيفيت بيان ٿي رهي آهي پر دنيا ۾ اسان جو ماڻهپو به وائکو ٿي ويو آهي. مجموعي طور هن ملڪ جي سماج جي نفسيات اذيت پسند آهي. ٻئي انسان کي اذيت ڏئي خوشي محسوس ڪئي ويندي آهي.
خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيصل آباد جي علائقي ملت ٽائون ۾ چوري جو الزام هڻي پَنا ميڙيندڙ چئن عورتن تي تشدد ڪيو ويو ۽ سندن ڪپڙا لاهي وڊيوز به ٺاهيون ويون. پوليس ترجمان موجب متاثر عورتن طرفان پوليس کي ڏنل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اهي 4 ڄڻيون ملت ٽائون جي علائقي ۾ پَنا ميڙي رهيون هيون ۽ پاڻي پيئڻ لاءِ هڪ اسٽور ۾ داخل ٿيون. پوليس موجب عورتن ٻڌايو ته اليڪٽرڪ اسٽور جي مالڪ صدام ۽ ٽن ملازمن کين چوريءَ تي الزام ۾ گهيري ورتو ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا. ان دوران ٻيا ماڻهو به اچي ويا، ٻن عورتن کي زبردستي اندر گهليو ويو جتي تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ کين بي لباس ڪري وڊيوز ٺاهيون ويون. جڏهن ته متاثر عورتن جي مدد لاءِ وڌيڪ 2 عورتون پهتيون جن احتجاج دوران بازار ۾ ئي پاڻ کي بي لباس ڪري ڇڏيو. متاثر عورتن پوليس کي ٻڌايو ته اهي عثمان اليڪٽرڪ اسٽور نالي دڪان اندر ويون، اهي اڃايل هيون ۽ هڪ شڪي همراهه صدام کان پاڻيءَ جي بوتل گهري جنهن جي سڃاڻپ هنن دڪان مالڪ طور ڪئي پر صدام رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ الزام هنيو ته اهي چوريءَ جي ارادي سان دڪان ۾ داخل ٿيون آهن، جنهن جو آواز ٻڌي ٻيا شڪي ماڻهو به دڪان تي پهچي ويا. ايف آءِ آر مطابق انهن چئني عورتن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو، سندن ڪپڙا لاٿا ۽ بازار ۾ گهلي وٺي ويا. اهي اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين اسان کي مارڪٽ ڪندا رهيا ۽ بي لباس حالت ۾ اسان جون وڊيوز ٺاهيندا رهيا. پوليس موجب مقامي ماڻهن جي اطلاع تي ڪارروائي ڪري اسٽور مالڪ سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سي پي او فيصل آباد جي حڪم تي چئن نامزد ۽ 8 اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ عورتن تي حملي، بي لباس ڪرڻ، جنسي طور هراسان ڪرڻ سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ڇا ڪنهن به مهذب سماج ۾ عورتن سان اهڙي ويڌن ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن عورتن تي چوري ڪرڻ جو الزام سچو به آهي ته ان جي سزا کين مارڪٽ ڪري ڪپڙن کان آجو ڪرڻ يا انهن جي تذليل ڪرڻ ناهي بلڪه ان جو سادو حل اهو آهي ته انهن کي پوليس حوالي ڪيو وڃي ها ۽ پوليس ان معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ها، جيڪڏهن انهن تي چوريءَ جو الزام ثابت ٿي وڃي ها ته پوءِ انهن کي سزا ڏني وڃي پر ڪنهن به مڇريل ميڙ کي اهو حق نٿو ڏئي سگهجي ته اهو ٿڏي تي فيصلو ڪري ته ڪنهن ماڻهوءَ سان ڪهڙُو ورتاءُ ڪرڻو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هيءَ هڪ شرمناڪ حرڪت آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. ان واقعي کان پوءِ نه رڳو انساني حقن جون تنظيمون پاڪستان ۾ انساني حقن بابت سوال اٿارينديون پر اهي اهو به سمجهنديون ته پاڪستان عورتن لاءِ هڪ غيرمحفوظ ترين ملڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پنجاب ۾ وڌندڙ تشدد واري نفسيات کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. عوام کي ان ڳالهه جو احساس ڏياريو وڃي ۽ ان کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته اهو ڪنهن به ريت قانون هٿ ۾ نه کڻي بلڪه انساني حقن جي پائمالي ڪرڻ بدران انهن جي پوئواري ڪري. فيصل آباد ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ هڪ ڀيرو وري اهو تاثر پختو ٿي ويو آهي ته هتي عورتن جو احترام اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي.