لاڙڪاڻي جي الھ آباد پاڙي جي رهواسڻ پيرسن عورت پنهنجي گونگي نياڻي ۽ سندس ٻارڙن سان گڏجي ڄاٽي جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت ذوليخان خاتون پنهنجي گونگي نياڻي سلميٰ، ٻارڙن سهانه ۽ علي رضا سان گڏجي دانهيندي چيو ته 14 سال اڳ گونگي نياڻي سلميٰ جي شادي نوجوان غلام حيدر سيال سان ڪرائي، جنهن مان کيس نياڻي ۽ پٽ جي اولاد آهي. ڪجھه سال اڳ ڄاٽو غلام حيدر منشيات واپرائڻ لڳو، جيڪو هيروئن جو عادي ٿي گهر کان ٻاهر رهڻ لڳو آهي، جڏهن ته هو منهنجي ڏوهٽي سهانه کي وڪرو ڪري شادي ڪرائڻ چاهي ٿو، اهڙي عمل کان روڪڻ تي موالي ڄاٽو موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڄاٽي خلاف ڪارروائي ڪندي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close