سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺاڻن جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ ڳوٺ سيد ضمير ٍشاهه جي رهواسين بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي اختيار علي مغيري پيرسن والدين محمد بخش مغيري، عزيزان خاتون ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته علائقي جي بااثر ڪامران ڳورڙ، دين محمد مغيري، در محمد مغيري ۽ ٻين سوا جريب زمين تي 5 مهينن کان قبضو ڪري ڇڏيو آهي، ڄاڻايل بااثرن زمين جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ تعلقي ٿاڻي تي منهنجي والد محمد بخش سميت ڀائرن رياض، اياز ۽ بختيار مغيري مٿان جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جنهن ڪيس جي آڙ ۾ پوليس ڀاءُ رياض کي گرفتار ڪرڻ بعد سينٽرل جيل اماڻي ڇڏيو آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button