سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ قمبر واسي درزي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ قمبر جي بروهي پاڙي جي رهواسي کنڀي گم ڪيل درزي حاجن مڱريو جي آزادي لاءِ سندس ڀاءُ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نوجوان قمرالدين مڱريو دانهيندي چيو ته قمبر پوليس 6 ڊسمبر تي منهنجي ڀاءُ حاجن مڱريو کي سندس درزڪي دڪان تان بيگناهه کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنهن ڪري اسان سڀ گهرڀاتي سخت پريشان آهيون. هن چيو ته ڀاءُ حاجن مڱريو جو ڪنهن سياسي تنظيم سان تعلق ناهي ۽ نه ئي هو ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهي، جيڪو درزڪو پورهيو ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڀاءُ حاجن مڱريو کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button