سنڌ

چانڊڪا اندر زال مڙس ۾ جهيڙو، همراهه تي چپلن جو وسڪارو

چانڊڪا اسپتال ۾ شگر جي مرض جي علاج لا پئسا نه ڏيڻ تان زال مڙس کي چپل سان ڪٽڪو ڪڍيو. سي سي ٽي وي ۾ فوٽيج ۾ آساني سان ڏسي سگهجي ٿو ته چانڊڪا اسپتال ۾ علاج لا آيل زال مڙس پئسا نه هجڻ تي اسپتال کان ٻاهر نڪتا ته ٻنهي ۾ منهن ماري ٿي جنهن بعد مڙس زال کي چنبو وهائي ڪڍيو، جنهن بعد زال چپل هٿ ۾ کڻي مڙس مٿان چپلن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جڏهن ته مڙس ماڻهن جو هجوم گڏ ٿيڻ کان لڪڻ ۽ زال جي وڌيڪ پادرن کائڻ کان بچڻ جي ڪوشش ۾ رڪشا ۾ ويهي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنس وارڊ ۾ زال کي ڇڏي گهر فرار ٿي ويو. هوڏانهن معلوم ڪرڻ تي اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته لاڙڪاڻي واسي زال مڙس شگر جي مرض جي علاج لا اسپتال آيا پر گيٽ وٽ ئي پئسن جو ذڪر ڪندي پاڻ ۾ اٽڪي پيا ۽ علاج ڪرائڻ بنا ئي وڙهي اسپتال مان واپس هليا ويا. جڏهن ته اسپتال رڪارڊ ۾ سندن نالو درج نه هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button