سنڌ

قمبر ۾ بدامني خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جو احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي بدامني خلاف مختلف تنظيمن احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سيد ذوالفقار شاهه، حافظ عزير گل جاگيراڻي، سراج چانڊيو، نثار احمد ڏيپر، سڪندر صنم جهنڊيل، رياض دائوداڻي ۽ ٻين چيو ته قمبر مان موٽر سائيڪل چوريون روز جو معمول بڻيل آهن، پوليس آفيسر اگھور ننڊ ۾ ستل آھن، ڏوھن جي واڌ ڪري شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا. جڏهن ته ٽي ڏينهن اڳ بنا جواز درزي حاجن مڱريو کي سٽي جي ايس ايڇ او دڪان تان کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل موٽر سائيڪل ۽ ٻين ڏوهن تي ضابطو آڻي شهرين سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button