سنڌ

ڊکڻ ويجهو چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي گهر ڌڻي مرڻينگ

ڊکڻ ويجهو ڳوٺ سانگي ۾ چوري جي ڪوشش دوران مزاحمت تي چورن فائرنگ ڪري گهر ڌڻي رياض سانگي کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان حوالي سان ڳوٺاڻن ٻڌايو ته رات جو دير سان چور رياض سانگي جي گهر ۾ داخل ٿيا جنهن تي هن سجاڳ ٿي چورن جو پيڇو ڪيو ته چورن مٿس فائر ڪري زخمي ڪيو. رابطو ڪرڻ تي ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته رات دير سان چوري ڪوشش دوران فائرنگ ۾ ڳوٺاڻو زخمي ٿيو آهي، اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي چورن جو پيرو کنيو آهي جيڪو ڳوٺ ٻاهران گم ٿي ويو آهي. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button