سنڌ

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي 15 هين سالگرهه جون تقريبون، ڪيڪ ڪاٽيا ويا

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي 15 هين سالگرهه جي تقريب ڄامشوري ۾ ملهائي وئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو، حافظ بخشل سھڙو، امير علي ٿيٻو، قادر بخش ڀلائي، اورنگزيب شاھاڻي، غلام نبي ڀلائي، غلام مصطفى چانڊيو، غلام سرور برفت، جاويد علي شورو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. ٻئي طرف ڄامشوري شهر ۾ پارٽي جي سالگرهه جو ڪيڪ ساگر جمن بڙدي، حميد تيوڻو، ديدار چانڊيو، شاعر عمر تيوڻو جي اڳواڻي ۾ ڪاٽيو ويوـ ان موقعي تي پارٽي ڪارڪنن ۽ دڪاندار اڳواڻن سميت شهرين شرڪت ڪئي. ٻئي طرف سن ۾ سائين جي ايم سيد جي درياهه واري بنگلي تي لطيف پنهور، انور مڱڻهار، امام الدين ڇڇر، لونگ سومرو، سيد اسد شاهه ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس يوپي پارٽي سنڌ جي حق حڪمراني لا جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ 15 سالن ۾ ايس يو پي وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو 9 ڊسمبر 2006ع ۾ بنياد رکيو ويو هو، سنڌ جي هرٻرندڙ اشو تي سنڌ جي سمورن قومپرست اڳواڻن سان گڏ جدوجهد ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button