سنڌ

آمري پوليس جي ڪار مان 50 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعوى

سن ويجهو آمري پل تي ايس ايڇ او آمري نصرالله سولنگي ڪار مان 50 ڪلو چرس ۽ 5 ڪلو آفيم هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪري ڇڏي. ايس ايڇ او آمري نصرالله سولنگي موجب مهراڻ ڪار سيوهڻ وڃي رهي هئي ته روڊ تي ٽرڪ کان بچائي ڪناري تي ديوار سان ٽڪرائجي وئي، جنهن ڪري ڪار جو ٽائر برسٽ ٿي پيو، جنهن تي ڪار سوار گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويا. پوليس چيڪنگ ڪئي ته ڪار مان 50 ڪلو چرس ۽ 5 ڪلو آفيم هٿ آئي. ناڪابندي ڪرڻ باوجود جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ڪار کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ذريعن موجب معلوم ٿيو آهي ته ايس ايڇ او آمري ڪار سوارن کي گرفتار ڪرڻ بعد ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button