اسلام آباد: گئس جي بحران تي (ن) ليگ جي اڳواڻ مفتاح اسماعيل ۽ وفاقي وزير حماد اظهر وچ ۾ ٽوئيٽر تي ڏند چڪ ٿي آهي. مفتاح اسماعيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پي ٽي آئي حڪومت مسلسل چوٿين سياري جي موسم ۾ گئس ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هن سوشل ميڊيا تي تجويز ڏني آهي ته گئس جي بحران جي معاملي تي حماد اظهر ۽ شاهزيب خانزادي ۾ بحث ٿيڻ گهرجي. مفتاح اسماعيل چيو ته هڪ بحث شوڪت ترين ۽ حماد اظهر ۾ به ڪرايو وڃي، ڇو ته شوڪت ترين گئس جي ڳالهه ڪري ٿو. وفاقي وزير حماد اظهر جوابي ٽوئيٽ ۾ چيو ته هڪ بحث مفتاح اسماعيل ۽ نيب ۾ به ڪرايو وڃي. حماد اظهر مفتاح اسماعيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جي دور ۾ 50 سيڪڙو گهٽ ايل اين جي آئي، فرنس آئل چئوڻ تي وڌيڪ خرچ ٿيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close