عالمي

وفاقي وزير علي زيدي کي برطانوي پارليامينٽ ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو

لنڊن: وفاقي وزير علي زيدي کي برطانوي پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو. ذريعن موجب علي زيدي گذريل ڏينهن پارليامينٽ ميمبرن سان ملاقات لاءِ هائوس آف ڪامنز ويو. ان موقعي تي پورٽيڪلس هائوس کان پارليامينٽ ويندڙ رستي ۾ سيڪيورٽي وفاقي وزير کي روڪيو. علي زيدي تلاشي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي کيس سيڪيورٽي 10 منٽن تائين وڃڻ نه ڏنو. ان حوالي سان علي زيدي چيو ته مون کي برطانوي پارليامينٽرين ملاقات لاءِ گهرايو هو، سيڪيورٽي جيڪٽ لاهڻ ۽ موبائيل ڏيڻ جو چيو ته مان چيو ته واپس وڃڻ چاهيان ٿو. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته مان واپس ويس ته برطانوي پارليامينٽ پاران فون آئي ته پروٽوڪول ۾ غلطي ٿي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button