پاڪستانسنڌ

سنڌ جي ماتحت عدليا ۾ ڀرتين جي جائزي لاءِ ڪميٽي قائم،رڪارڊ طلب

اسلام آباد:) سپريم ڪورٽ سنڌ جي ماتحت عدليا ۾ ڀرتين خلاف ڪيس ۾ ڀرتين جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي ڀرتين جو سمورو رڪارڊ تيار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جمعي تي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ شنوائي ڪئي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڀرتين لاءِ نه ٽيسٽ ٿي نه انٽرويو، اشتهار بنا به ڀرتيون ٿيون. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عمر جي حد ۽ ڊوميسائيل بابت رولز نرم ڪرڻ جا سبب نه ڏنا ويا. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ماتحت عدليا جي ڀرتين ۾ وڏي پئماني تي رولز جون ڀڃڪڙيون ٿيون. ڀرتين تي سڄي سنڌ ۾ شور متل هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سپروائيزري جورسڊيڪيشن ۾ ڇا ايڪشن ورتو. رجسٽرار چيو ته ماتحت عدليا 2000 کان مقررين جو اهو طريقيڪار فالو ڪيو. وڪيل منير اي ملڪ چيو ته ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ماضي جي طريقيڪار کان انڪار ڪيو يا نه. عدالت ڪيس جي شنوائي ايندڙ سال جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button