اسلام آبادپاڪستان

راڻا شميم طلب،بيان پٺيان نيڪ نيتي نظر نٿي اچي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رانا شميم جي حلفي بيان بابت خبر تي توهين عدالت ڪيس جي شنوائي جي عبوري لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته هر هڪ جي نظر ۾ رانا شميم جي حلفي بيان جي پٺيان نيڪ نيتي نظر نٿي اچي. هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جج رانا شميم جي حلفي بيان بابت خبر تي توهين عدالت ڪيس جي 7 ڊسمبر جي شنوائي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ رانا شميم ۽ مير شڪيل الرحمان سميت سمورين ڌرين جا جواب غير تسلي بخش قرار ڏيندي چيو ويو ته بي بنياد حلفي بيان ۽ غلط خبر تي ڇو نه سمورين ڌرين تي فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي. عدالت چيو ته ٽن سالن تائين رانا شميم جي خاموشي ان جي سچائي تي سوال اٿاري ڇڏي ٿي. رانا شميم 15 جولاءِ 2018 جي ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏنو. حلفي بيان ۾ هڪ اهڙي جج جو نالو آيو جيڪو ٻاهرين ملڪ موڪلن تي هو. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته رانا شميم جواب ۾ واضح ڪيو ته هن حلفي بيان اخبار کي ناهي ڏنو. اپيلن جي شنوائي وقت حلفي بيان اخبار ۾ ڇپجڻ کان علاوه رپورٽر، ايڊيٽر ۽ پبلشر جو پيشيوراڻو طرز عمل به سواليه نشان آهن. جيڪڏهن برطانوي نوٽري پبلڪ اجازت بنا حلفي بيان ليڪ ڪيو ته سنگين نتيجا نڪرندا. عدالت چيو ته گرائونڊز موجود آهن جيڪي رانا شميم جو حلفي بيان غلط ڏيکارين ٿا. لکت حڪمت نامي ۾ چيو ويو ته رانا شميم تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته حلفي بيان نوٽري پبلڪ لنڊن ليڪ ڪيو جنهن کان پوءِ اڃا به وڌيڪ ضروري ٿي ويو آهي ته رانا شميم هاڻي اصل حلفي بيان پيش ڪري. انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ رانا شميم کي آخري موقعو ڏنو وڃي ٿو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 13 ڊسمبر تي رانا شميم سميت سمورين ڌرين کي طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button