واشنگٽن: اسرائيل جي بچاءَ واري وزير بني گينٽز فوج کي ايران تي حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب بچاءَ وارو وزير بني گينٽز آمريڪا جي دوري تي آهي جتي هو آمريڪا سان گڏجي ايران تي دٻاءَ وڌائڻ جا قدم کڻي رهيو آهي. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ هو ته آهي بني گينٽز فوج کي ايران تي امڪاني حملي جي تياري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ هن آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن کي به ايران تي حملي جي تياري کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. عالمي طاقتن جي ايران سان ٿيندڙ جوهري ڳالهين جي حوالي سان ڳالهائيندي اسرائيل جي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته دنيا جي ايران سان جوهري معاملي تي ڳالهه ٻولهه جو ڪو به نتيجو نه نڪتو ۽ عالمي برادري ڄاڻي چڪي آهي ته ايران هنن سان گيم کيڏي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايران تي فوجي دٻاءَ وڌائڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ اسرائيلي فوج کي اسٽرائيڪ لاءِ تيار رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close