پاڪستانسنڌ

ٿر ڄاوا ڊاڪٽر سٺي پگهار باوجود ٻين شهرن ۾ ڪم ڪن ٿا:قاسم سراج سومرو

مٺي: صحت جي پارلياماني سيڪريٽري ۽ ايم پي اي محمد قاسم سراج سومرو چيو آهي ته ٿر جي ڊوميسائيل وارا 1600 کان وڌيڪ ڊاڪٽر سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪم ڪن پيا، پر ٿرپارڪر جي اسپتالن ۾ هن وقت فقط 33 سيڪڙو آهن. آغا خان فائُونڊيشن ۾ ڊاڪٽرن جو شروعاتي پئڪيج فقط 40 هزار رپيا آهي، اسان ٿر ۾ فرض سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن کي ڏيڍ لک جي پرڪشش پگهار آڇيون ٿا، پر پوءِ به هتان جي ڄاون ڊاڪٽرن جِي اڪثريت پنهنجي علائقي جي نادار ۽ بي پهچ ماڻهن جي درد جو درمان بڻجي دُعائُون کٽڻ لاءِ تيار ناهي، اسان وٽ سنڌ ۾ صحت جي شعبي تي ساليانو 32 ارب رپيا علاج جِي مد ۾ مختص ڪيا وڃن ٿا، پر احتياطي پهلُو منڍ کان نظرانداز ٿيل هوندا آهن، جن تي ٽڪو به خرچ ناهي ڪيو ويندو، 18 کان وڌيڪ بيمارين جو سڌو سنئُون واسطو آلُوده پاڻي جي واهپي سان آهي. اهو هڪ وڏو الميو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مٺي ۾ پاڪستان جي غُربت گهٽائڻ واري فنڊ پي پِي اي ايف ۽ ٿرديپ جِي ميزباني ۾ منعقد ٿيل “مقامي سهڪاري ادارن جي ترقي ۾ ڪردار ۽ مستقبل جي لائحه عمل” واري موضُوع تي ٿر جي ڏورانهن ڳوٺن ڍاڻين کان ڪهي آيل سوين مردن ۽ عورتن جِي شرڪت واري هڪ ڏينهن واري ڪانفرنس جِي پهرئين ويهڪ دوران صدارتي خطاب ڪندي ۾ ڪيو. پبلڪ اڪائُونٽس ڪاميٽيءَ جي ميمبر قاسم سومري وڌيڪ چيو ته آئُون پنهنجي پارٽي جي مختلف فورمن تي به مقامي ماڻهن سان ملي ڪري زميني حقيقتن جو روبرو جائزو وٺي پوءِ ئي ترقيءَ جون نتيجا ڏيندڙ رٿائُون جوڙڻ تي ئي زور ڏيندو آهيان. اسان وٽ ڊيٽا ۽ معلُومات جا بُنياد پڪا پختا ناهن هُوندا. ڪانفرنس جي “راڄن جي تنظيمن سان گڏجي ترقيءَ لاءِ جاکوڙڻ” واري ٻِي ويهڪ جِي پڄاڻي تي صدارتي ڪلمات ادا ڪندي ايم پي اي راڻي همير سنگهه چيو ته ٿر دُنيا جو سون ورنو صحرا آهي، هن ريگستان ۾ سڀ کان وڏي انساني آبادي، سڀ کان گهڻو مال متاع، سڀ کان گهاٽي نباتات ۽ سڀ کان مٿي زير زمين پاڻيءَ جا ڀنڊار آهن، ترقيءَ لاءِ رُڳو ٻاهرين سِيڙپڪارِي طرف واجهائڻ اسان جِي وڏِي بيوقُوفي چئبي ٿر لاءِ رڳو غُربت ۽ جاهلپڻي وارو رِينگٽ نه روا رکڻ گهرجي. هن چيو ته اسان پنهنجي مقامي وسيلن مان اهڙا لاتعداد ڪاروباري ڪم شروع ڪري پنهنجي آمدني ۾ سٺو اضافو ڪري سگهون ٿا، ٿردِيپ جي چيئرپرسن ۽ سنڌ ۾ توليدِي صحت ۽ ڪُٽنبي رِٿابنديءَ واري شعبي جي نامور ترقياتي اڳواڻ ڊاڪٽر نصير نظاماڻي چيو ته هيُ ڪانفرنس ٿر ۾ صنعتي ترقيءَ جي موقعن ۽ درپيش للڪارن جي حوالي سان ڳوٺاڻن راڄن، لاڳاپيل سرڪاري ادارن ۽ مالياتي توڙي فني سهڪارِي ڌُرين کي گڏجي ويهاري مڪالمو ڪرڻ ۽ آئيندي جُون حِڪمَتِ عمليون جوڙائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. صدارتي ايوارڊ يافتا سوني کنگهاراڻي چيو ته ڪوئلي بابت 2004ع ۾ ٿردِيپ طرفان ڪيل جامع تحقيق ۾ جيڪي خدشا سامهان آيا هئا، اُهي سئو سيڪڙو دُرست ثابت ٿي رهيا آهن. ڪانفرنس ۾ ٿرديپ جي سي اي او ڊاڪٽر الله نواز سمي، سانگِيئڙا جِي جنرل سيڪريٽري فاطمه ساند، نادر گُل باريچ، سهيل خان بنگش، ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهُو، گلگت-بلتستان جي ترقي پسند اڳواڻ اشفاق احمد، آ بِي اي ڪراچي جي ڊاڪٽر جنيد عالم ميمڻ، اسٽيٽ بئنڪ جي مالياتي خواندگي لاءِ مامور نمائندي سلمان شهزاد ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي ڪارروائي ڀڳواني راٺوڙ، طاهر ملڪ ۽ فريال مگسي گڏجي هلائي. ڪانفرنس دوران ٿر، اَمراڻي، ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي هٿ جي هُنرن، نامياتي کاڌن، مقامي وڻڻ ٻوٽن ۽ ولين، لوڪ ڪَلائن ۽ وڄائن کي درشائڻ لاءِ سجايل اسٽالن جِي نمائش جو افتتاح ايم پي اي قاسم سراج سُومرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button