پاڪستانسنڌ

پروين رحمان ڪيس ۾ 8 سالن بعد 4 جوابدارن کي 2-2 ڀيرا جنم ٽيپ

ڪراچي:دهشتگردي ٽوڙ عدالت پروين رحمان قتل ڪيس جو 8 سالن بعد فيصلو جاري ڪندي چئن جوابدارن کي 2-2 ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار اياز سواتي، رحيم سواتي، محمد امجد ۽ احمد عرف پپو ڪشميري کي سزا ٻڌائي. پروين رحمان کي 13 مارچ 2013 تي آفيس کان گهر ويندي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ قتل واري واقعي جو نوٽيس ورتوهو. عدالت ڪيس جي پنجين جوابدار عمران سواتي کي سهولتڪاري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي. اورنگي ٽائون پائلٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان جي قتل جي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته هن کي اجرتي قاتلن 40 لک رپين عيوض گوليون هڻي قتل ڪيو هو. پروين رحمان قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار امجد حسين جي آءِ ٽي کي ڏنل بيان ۾ انڪشاف ڪيو ته هڪ سياسي جماعت جا عهديدار پروين رحمان سان زمين گهري رهيا هئا جيڪا ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي هڪ ڪالعدم تنظيم کي پئسا ڏئي ان کي قتل ڪرايو ويو. امجد حسين عرف امجد آفريدي موجب هن ڪيس ۾ پهرين گرفتار جوابدار رحيم سواتي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي عهديدار اياز سواتي پروين رحمان کان علائقي ۾ جم کولڻ جي لاءِ زمين گهري هئي. قتل جي لاءِ رحيم سواتي ڪالعدم تحريڪ طالبان جي موسيٰ ۽ محفوظ الله عرف ڀالو نالي ٻن علائقائي عهديدارن سان رابطو ڪيو جيڪي 40 لک رپين عيوض پروين رحمان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا. امجد حسين ۽ ٻين جوابدارن ٻن مهينن تائين پروين رحمان جي ريڪي ڪئي،جنهن جا تفصيل ڪالعدم تنظيم تائين پهچائي رهيا هئا، موسيٰ ۽ ڀالو 23 مارچ 2013 تي پروين رحمان کي قتل ڪيو. جوابدار امجد حسين جاچ دوران ٻڌايو ته رحيم سواتي پاران 40 لک رپيا نه ڏيڻ تي ڪالعدم تنظيم سندس گهر تي دستي بم حملو به ڪيو هو. پوليس 18 مارچ 2015 تي مانسهره ۾ قتل ۾ ملوث مرڪزي جوابدار احمد خان عرف پپو ڪشميري کي گرفتار ڪيو ۽ منگهو پير مان رحيم سواتي جي گرفتاري عمل ۾ آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button