پاڪستانسنڌ

سرهاڙي بي ايڇ يو ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ خلاف احتجاج

سرهاڙي: سرهاڙي لڳ ڳوٺ حسن جمالي ۾ بي ايڇ يو هيلٿ سينٽر جي عملي ۽ دوائن جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن سينٽر اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن جاويد جمالي، هارون جمالي، الهداد جمالي ۽ ٻين چيو ته بيسڪ هيلٿ سينٽر حسن جمالي کي ڪافي عرصي دوائن سميت عملي جي کوٽ آهي، پر ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، جنهن سبب اسپتال جي او پي ڊي به بند رهي ٿي، جتي هر روز مقامي توڙي ڀرپاسي جي ڳوٺن مان ايندڙ ڪيترائي مريض بغير علاج ۽ دوائن جي هٿين خالي موٽي وڃن ٿا، اسان ڪيترائي ڀيرا صحت کاتي جي اعلى عملدارن کي شڪايتون ڪيون آھن، پر مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن. هنن ڊي سي نوابشاھه ۽ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته بيسڪ هيلٿ سينٽر حسن جمالي ۾ عملي ۽ دوائن جي کوٽ جو نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button