اسلام آبادپاڪستان

او آئي سي اجلاس،آمريڪي خاص نمائندو به شرڪت ڪندو:قريشي

اسلام آباد پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 19 ڊسمبر تي او آئي سي جي اجلاس ۾ آمريڪا جو افغانستان بابت خاص نمائندو ٽام ويسٽ به شرڪت ڪندو، جيڪا وڏي هاڪاري اڳڀرائي آهي. ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي هن چيو ته هن قسم جو غير معمولي اجلاس 41 سالن کان پوءِ ٿي رهيو آهي. افغانستان ۽ پاڪستان جو امن هڪٻئي سان لاڳاپيل آهي، جنهن سان اسان جي زميني مواصلات ۽ واپاري رابطن کي هٿي ملندي. افغانستان جي مدد جي سلسلي ۾ کنيل قدمن جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته پاڪستان خطي جي 6 ملڪن تي ٻڌل هڪ پليٽ فارم جوڙيو آهي جنهن جو پهريون ورچوئل اجلاس اسلام آباد ۾ ٻيو ايران ۾ ٿيو. جڏهن ته ٽيون بيجنگ ۾ ٿيندو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي بجيٽ جون 75 سيڪڙو ضرورتون بئڪنگ چينلز جي ذريعي پرڏيهي امداد سان پوريون ٿينديون هيون. جڏهن ته اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن. افغانستان جون عورتون ۽ ٻارڙيون ڇو مشڪل ۾ پون؟ هن چيو ته اشرف غني حڪومت جي ناڪامين تي پاڪستانين کي قرباني جو ٻڪر نٿو بڻائي سگهجي. عالمي برادري پنهنجي موقف تي غور ڪري ۽ مشڪل حالتن ۾ افغانستان لاءِ مدد جو هٿ وڌائي. هن چيو ته ٽرائيڪا پلس ۾ شامل جرمني، جاپان، اٽلي ۽ آسٽريليا جا افغانستان بابت خاص نمائندا به خاص دعوت تي او آئي سي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button