اسلام آبادپاڪستان

خواجا آصف خلاف ڪيس:وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش

اسلام آباد : اسلام آباد جي مقامي عدالت ۾ خواجا آصف خلاف وزيراعظم جي ساک کي نقصان رسائڻ جي ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو. وزيراعظم عمران خان عدالت ۾ پنهنجي حلفي بيان ۾ چيو ته فلاحي منصوبي تي ڪوڙا الزام لڳائي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. عدالت کان اميد آهي ته اها اهڙن الزامن تي مثالي فيصلو ڏيندي. واضح رهي ته ن ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف عمران خان تي شوڪت خانم اسپتال جي فنڊن ۾ غير شفافيت جو الزام لڳايو هو، جنهن تي عمران خان خواجا آصف جي خلاف 10 ارب رپيا ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي. وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو ته 1991ع کان 2009ع تائين هو شوڪت خانم ٽرسٽ جي سيڙپڪاري اسڪيمن جي حوالي سان فيصلي سازي ڊونر رهيس. شوڪت خانم ٽرسٽ جي سيڙپڪاري اسڪيمن جي حوالي سان فيصلا ايڪسپرٽ ڪميٽي ڪندي هئي. ڪميٽي ۾ هن جي ڪنهن به قسم جي ڪا به مداخلت نه هئي. حلفي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جن سيڙپڪاري اسڪيمن جي حوالي سان بي بنياد الزام لڳايا ويا، اهي سواءِ ڪنهن نقصان جي شوڪت خانم ٽرسٽ واپس وصول ڪيا. شوڪت خانم ٽرسٽ تي ماڻهن جو اعتماد قائم آهي، اهڙن فلاحي منصوبن کي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳائي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. عدالت کان اميد آهي اها اهڙن الزامن تي مثالي فيصلو ڏئي آئينده لاءِ ان روايت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. عمران خان چيو ته اِي ڪورٽ سان عدالتي ڪارروائي هلائڻ هڪ سٺو قدم آهي، اهڙيءَ طرح معزز عدالت جو قيمتي وقت ۽ پيسو ٻنهي جي بچت ٿئي ٿي ۽ ڪيس به بروقت اُڪلائي سگھن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button