اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا سبب فوتگيون وڌڻ لڳيون،وڌيڪ 14 ماڻهو فوت، 277 نوان ڪيس

اسلام آباد (: پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتگيون اوچتو وڌي ويون، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 14 ماڻهو فوت 277 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 277 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڌيڪ 14 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 243 مريض صحتياب ٿي ويا. هاڪاري ڪيسن جي شرح 0 ڏهائي 66 سيڪڙو ٿي وئي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين 28 هزار 863 ڪرونا وائرس جا مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن. ڪل مريضن جو انگ 12 لک 90 هزار 491 ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ اسپتالن، قرنطينا سينٽرز، وينٽي ليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 9 هزار 471 مريض علاج هيٺ آهن جن ۾ 718 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 12 لک 52 هزار 157 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جون وڌيڪ 41 هزار 927 ٽيسٽون ڪيون ويون. جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 2 ڪروڙ 27 لک 30 هزار 952 ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن، پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 لک 39 هزار 561 ماڻهن کي ڪرونا وائرس جي ويڪسين ڏني وئي. هن وقت تائين ڪل 13 ڪروڙ 71 لک 20 هزار 270 ڪرونا ويڪسين جون خوراڪون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته 5 ڪروڙ 86 لک 85 هزار 427 ماڻهن جي مڪمل ويڪسينيشن ٿي چڪي آهي. سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن جو انگ 4 لک 78 هزار 717 ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ڪل فوتگيون 7 هزار 648 آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button