پاڪستانسنڌ

بحال ٿيندڙ 16 هزار ملازم ۽ سندن خاندان جي ماڻهن کي مبارڪون:بلاول

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران 16 هزار ملازمن بحال ڪرڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي سٺو قرار ڏنو آهي. بلاول ڀٽو زرداري بحال ٿيندڙ 16 هزار ملازمن ۽ انهن سان لاڳاپيل سندن خاندان جي ماڻهن کي مبارڪون ڏيندي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پ پ جا وڪيل نئير بخاري، لطيف کوسا، رضا رباني، اعتزاز احسن ۽ ٻين سٺي نموني سپريم ڪورٽ ۾ برطرف ملازمن جو ڪيس پيش ڪيو. بلاول ڀٽو چيو ته پ پ جي ڪاوشن جي ڪري اڳ به انهن 16 هزار ملازمن کي پارليامينٽ مان بحال ڪرايو ويو هو. هن جو چوڻ هو ته پ پ هميشه ورڪر ڪلاس سان گڏ بيٺي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ به ثابت قدم رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button