اسلام آبادپاڪستان

شهباز شريف کي حساب ڏيڻو پوندو،ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزير اعظم عمران خان ترجمانن کي شهباز شريف جي مني لانڊرنگ واري معاملي کي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪالهه وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل حڪومتي ترجمانن جي اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته خانيوال چونڊن ۾ هڪ فوتي شخص جو ووٽ به ڪاسٽ ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ شهباز شريف خلاف مني لانڊرنگ ڪيس تي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته بي نامي اڪائونٽس سان شهباز شريف کي اربين رپين جي منتقلي ڪئي وئي، مني لانڊرنگ جي معاملي ۾ شهباز شريف سڌو سئون ملوث آهي، شهباز شريف خلاف سمورا ثبوت اچي ويا آهن. وزيراعظم عمران خان چيو ته شهباز شريف عوام جو پئسو لٽيو، شهباز ۽ حمزا شهباز پيسا وٺي سرڪاري عهدا ورهائيندا رهيا. شهباز شريف کي پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو. هي مني لانڊرنگ نه ڪن ها ته ملڪ جون حالتون ائين نه هجن ها. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جلد ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ گهٽ ٿي ويندو، حڪومت عوام کي هڪ کرب رپين جي سبسڊي ڏيندي. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي، معاشي بهتري کانپوءِ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. اجلاس دوران اليڪرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته خانيوال ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ هڪ مرده ماڻهو جو ووٽ ڪاسٽ ڪيو ويو. وزير اعظم چيو ته ن ليگ ۽ پ پ ان ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي خلاف آهن جو هنن جي جعلي ووٽنگ نه رڪجي وڃي، پر چونڊ نظام ۾ شفافيت جي لاءِ اي وي ايم ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button