پاڪستانپنجابغير درجه بندي

شهباز شريف مني لانڊرنگ ڪندڙ گروپ جو اڳواڻ آهي: شهزاد اڪبر

لاهور:وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر هڪ ڀيرو وري مسلم ليگ ن جي اعليٰ قيادت کي مني لانڊرنگ ڪيس جي معاملي تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس جو چالان عدالت ۾ داخل ڪرايو آهي، چالان ۾ گھڻيون شيون حيران ڪندڙ آهن، چالان موجب شهباز شريف رڳو مني لانڊرنگ ۾ ملوث نه پر گروپ جو اڳواڻ آهي. هن چيو ته سليمان شهباز ان ڪيس ۾ مفرور آهي جڏهن ته چالان ۾ ماسٽر پلاننگ جو مثال به شامل ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته ايف آءِ اي جي جاچ موجب 28 اڪائونٽس مان 17 هزار ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون، انهن ٽرانزيڪشنز جو واسطو کنڊ جي ڪاروبار سان نه آهي، شريف خاندان ايف آءِ اي سان جاچ دوران ڪو به سهڪار نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button