پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ ڏوهه قبولي ورتو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ويجھو شئيِ وٺڻ لاءِ دڪان تي ويندي 8 سالن جي معصوم ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدار عدالت ۾ به ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو. عدالت کيس جيل موڪلي ڇڏيو. خبر موجب عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ آڏتيو فارم ۾ پاڙي جي دڪان تان شئي وٺڻ لاءِ ويندي 8 سالن جي معصوم ٻارڙي سان جنسي زيادتي بعد کيس مارڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار کي عمرڪوٽ پوليس متاثر ٻارڙي جي والد جي فرياد تي گرفتار ڪرڻ بعد سول جج عمرڪوٽ رسول بخش درس جي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت ۾ جوابدار 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڏوھه جو اعتراف ڪري ورتو. جوابدار پنھنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته آئون شراب جو عادي موالي آهيان، واقعي واري رات ڳوٺ ويجھو هيراآباد اسٽاپ تان ڪچو شراب وٺي پيئندو ڳوٺ آڏتيو فارم تائين آيس ته اڪيلي ٻارڙي ڏسي نشي واري حالت هجڻ سبب مون ڏوڪري سان زيادتي ڪئي، جنهن بعد کيس تشدد ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رڙين تي فرار ٿي ويس. پوليس رپورٽ موجب ٻارڙي سان زيادتي واري هنڌ تان ڪپڙن جو بٽڻ مليو هو ۽ ان بٽڻ ذريعي جاچ ڪري مک جوابدار تائين پهتاسين. عدالت جوابدار کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button