پاڪستانسنڌ

چيلهار جي درويش نينگري سان زيادتي جي تصديق، جوابدار خلاف ڪيس داخل

مٺي/ چيلهار: چيلهار ۾ وحشي 60 ورهين جي جوابدار خلاف 15 ورهين جي معصوم درويش نينگري سان زبردستي ڏاڍائي ڪرڻ جو ڪيس نياڻي جي والد جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي، جنهن بعد پوليس گذريل رات کان حراست ۾ ورتل جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آھي. جڏهن ته متاثر نينگري کي گذريل رات دير سان مٺي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس علاج هلندڙ آھي ۽ حالت سڌرندڙ ٻڌائي وڃي ٿي. ٻئي طرف نينگري ۽ جوابدار جي ڊي اين اي ٽيسٽ لا جزا ورتا ويا آھن. پوليس موجب ڊي اين اي ٽيسٽ جا جزا ليبارٽري ڪراچي اماڻيا ويا آھن. مٺي سول اسپتال جي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽرياڻين نينگري سان ڏاڍائي جي تصديق ڪئي آھي. ڊاڪٽرياڻين موجب نينگري سان ڏاڍائي ٿيل آھي، وڌيڪ لکت واري رپورٽ پراپر چئنل اختيارين کي ڏني ويندي. هوڏانهن متاثر نينگري جا وارث انتهائي غريب ۽ جوابدار بااثر هجڻ ڪري متاثر خاندان عدم تحفظ سبب خوف جي ور چڙھيل آھي. هوڏانهن مٺي جي اسپتال ۾ داخل معصوم درويش نياڻي سان سياسي سماجي اڳواڻن پهچي ملاقات ڪئي ۽ سندس عيادت ڪئي. اڳواڻن واقعي جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته جوابدار کي سخت سزا ڏني وڃي. اڳواڻن متاثر نياڻي جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button