اسلام آبادپاڪستانعالمي

افغان صورتحال سان عالمي امن متاثر ٿي سگهي ٿو:سعودي عرب

اسلام آباد :سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته افغانستان جون معاشي مشڪلاتون انساني بحران پيدا ڪري سگهن ٿيون ۽ وڌيڪ خراب صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن سان علائقائي ۽ عالمي امن متاثر ٿي سگهي ٿو. او آءِ سي اجلاس کي خطاب ڪندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته هن اجلاس ۾ افغانستان سان ايڪتا جو اظهار ڪيو آهي ۽ دنيا کي ڏيکاريو آهي ته جنگ سٽيل ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال جي خاتمي جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته افغانستان جي عوام ڊگهو عرصو مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي. ميمبر ملڪ افغانستان جي عوام کي ضروري مدد فراهم ڪن ۽ ملڪ ۾ معاشي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سندس چوڻ هو ته سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي هدايت تي افغانستان جي عوام جي لاءِ کاڌي پيتي جي شين جا جهاز اماڻيا هئا، اسان امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ ان لاءِ عالمي برادري جي سهڪار جي به ضرورت آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button