لاهور: شهباز شريف جي خاندان خلاف 16 ارب روپين جي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي شهباز شريف، حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز جي 45 اڪائونٽن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا. ايف آءِ اي موجب بي نامي اڪائونٽس جي ذريعي شهباز خاندان جي اڪائونٽس ۾ 16 ارب 34 ڪروڙ روپيا جمع ٿيا. الزام ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي 7 سال قيد، ڏنڊ ۽ ملڪيت ضبطگي جي سزا ٿي سگهي ٿي. ايف آءِ اي اختيارين موجب شهباز شريف، حمزه شهباز، سلمان شهباز کي ڪيترائي موقعا ڏنا ويا. سمورا جوابدار الزامن بابت جاچ ٽيم کي مطمئن نه ڪري سگهيا. شهباز شريف خاندان جي 45 اڪائونٽس ۾ مني لانڊرنگ جي رقم جمع ڪئي وئي. ايف آءِ اي جي دستاويزن موجب شهبازشريف جي نالي تي 14 بينڪ اڪائونٽس رجسٽرڊ آهن. شهباز شريف جي نالي تي 2008ع کان 2018ع تائين هڪ ئي برانچ ۾ 10 اڪائونٽ کوليا ويا. حمزه شهباز جي نالي تي 13 بينڪ اڪائونٽس کوليا ويا. حمزه شهباز جي نالي تي 2005ع کان 2018ع جي دوران بينڪ اڪائونٽس کوليا ويا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close