پاڪستانسنڌ

ڀٽ شاهه ۾ رڪاوٽن باوجود هزارين پانڌيئڙا درگاهه تي پهچي ويا

ڀٽ شاهه

ڀٽائي سرڪار جي 278 هين عرس مبارڪ تي مختلف شهرن مان هزارين پانڌيئڙا پوليس جي رڪاوٽن باوجود پيادل سفر ڪري درگاهه تي پهچي ويا. زائرين جيئي لطيف ۽ ڀيڄ ڀٽائي جون صدائون بلند ڪيون. ڀٽ شاهه جي سڀني داخلي رستن تي پوليس ڪنڊيدار تارون لڳائي وڌيڪ زائرين کي شهر اچڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون واپس موٽائي ڇڏيون.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي درگاهه تي حاضري ڀرڻ لاءِ پانڌيئڙا پهتل آهن

ٻئي طرف ڀٽ شاهه پوليس ڪراڙ ڍنڍ تي ڪجهه دڪانن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.

صوبائي صلاحڪار مذھبي معاملا عشر ۽ زڪوات فياض احمد ٻٽ ڀٽ شاهه پهچي اوقاف کاتي جي سيڪريٽري بخش علي مهر، چيف ايڊمنسٽريٽر زاهد حسين شر، ڊي سي مٽياري مرتضيٰ علي شاهه ۽ مئنيجر اوقاف جميل احمد انصاري سان گڏجي مزار تي چادر چاڙهي. هن شاهه جو راڳ ٻڌي درگاهه جي احاطي ۾ اوقاف کاتي غريب ۽ مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ورهايا. صوبائي صلاحڪار فياض علي ٻٽ چيو ته شاھه لطيف پوري عالم کي امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آھي، ڪروبا سبب عرس جون تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن.

ٻي طرف ايم پي اي هير سوهو به درگاهه تي حاضري ڀري مزار تي چادر چاڙهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button