پاڪستانسنڌ

جيڪي وفاقي ادارا سنڌ جي ماڻھن جي خدمت نٿا ڪن، اهي ھليا وڃن:امتياز شيخ

ڪراچي: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه جي ھدايت تي ملير ضلعي جي ميمڻ ڳوٺ ۾ کليل ڪچهري ٿي.

سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ۾ سڀ بدمعاش ويٺا آهن، جيڪي وفاقي ادارا سنڌ جي ماڻھن جي خدمت نٿا ڪري سگھن، اهي ھتان ھليا وڃن، هاڻي وفاقي ادارن جي ڪوتاهين کي برداشت نه ڪيو ويندو.

صوبائي وزير ساجد جوکيو، وزيراعليٰ سنڌ جو خاص معاون ارسلان اسلام شيخ ۽ سلمان عبدالله مراد ۽ سنڌ اسيمبلي جا ميمبر راجا رزاق بلوچ، سليم بلوچ، شاھينا شير علي ۽ ٻيا پيپلز پارٽي اڳواڻ، ورڪر، ايس ايس پي ملير، ڊي سي ملير، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جا عملدار پڻ کليل ڪچهري ۾ موجود هئا.

عوام ڪي اليڪٽرڪ، واٽر بورڊ، لينڊ مافيا، پوليس، منشيات فروشن، تعليم، صحت، نادرا ۽ ايم ڊي اي خلاف وڏي تعداد ۾ شڪايتون جمع ڪرايون.

امتياز شيخ چيو ته عوامي شڪايتن جو فوري طور تي ازالو ڪيو وڃي. ڪنهن به کاتي جي نااهلي برداشت نه ڪئي ويندي. صوبائي وزير امتياز شيخ ايم ڊي اي ۽ تعليم کاتي جي ملازمن کي يقين ڏياريو ته ملازمن جو مسئلو ڪابينا ۾ اٿاريو ويندو ۽ انهن جون شڪايتون دور ڪيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button