پاڪستانسنڌ
رجحان ساز

ڪراچي ۾ حراست ۾ ورتل سينيئر صحافي وارث رضا گھر پھچي ويو

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ اربع جي رات حراست ۾ ورتل سينيئر صحافي وارث رضا پنھنجي گھر پھچي ويو آهي. ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) جي جنرل سيڪريٽري سان ڳالھائيندي وارث رضا ٻڌايو تھ ھو گھر پھچي ويو آھي ۽ خيريت سان آھي. وارث رضا موجب هنَ کي وٺي ويندڙن ھن کان صحافتي ذميوارين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ھن جي ڪالم بابت پڇا ڪندا رھيا.

وارث رضا ٻڌايو تھ کيس وٺي ويندڙن ھن جي اکين تي پٽي ٻڌي ۽ نامعلوم جاءِ تي وٺي ويا هئا، جيڪي مبينا ٽائون ٿاڻي ويجھو ڇڏي ويا.

ياد رھي تھ سينيئر صحافي جي گھر وارن جو چوڻ ھو تھ وارث رضا کي رات دير سان يونيفارم پاتل ماڻھو پاڻ سان گڏ وٺي ويا، وارث رضا کي وٺي ويندڙ ماڻھن جو چوڻ ھو تھ ڪجھھ دير ۾ ڇڏي ڏينداسين.

ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي سينيئر صحافي وارث رضا کي حراست ۾ وٺي وڃڻ جي مذمت ڪندي چيو تھ پاڪستان يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي تاريخ تي مشتمل ڪتاب جي سھريندڙ کي حراست ۾ وٺڻ آزادي صحافت تي حملو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button