سنڌ

ڪراچي ۾ گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش،فائرنگ ۾ 3 مزدور مارجي ويا

ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ مقرر جوهر آباد ۾ ايس ايڇ او غيور احمد پنهنجا اختيار اورنگهيندي ضلعي اولهه جي علائقي پيرآباد ۾ عمارت خالي ڪرائڻ لاءِ پوليس اهلڪارن ۽ سرڪاري وسيلن جو استعمال ڪيو ته عمارت خالي ڪرائڻ جي تڪرار تان فائرنگ ۾ 3 مزدور يارگل، عبدالله ۽ شبير مارجي ويا. جڏهن ته پوليس اهلڪار ڪامل عباس ۽ افتخار نالي شخص زخمي ٿي پيا. مقتول يارگل جي ڀاءُ مطابق سعيد مهمند پيرآباد ۾ اسماعيل نالي شخص کان عمارت خريد ڪئي هئي، اسماعيل جو پٽ قبضو نه ڏئي رهيو هو. سعيد مهمند ايس ايڇ او غيور اختر، پوليس پارٽي ۽ پنهنجي ٽن مزدورن کي وٺي عمارت خالي ڪرائڻ پهتو هو ته اسماعيل جي پٽن فائرنگ ڪري ڏني. ايس ايڇ او آفيسرن کي ٻڌائڻ بنا ڊسٽرڪٽ اولهه ۾ داخل ٿيو. ڊسٽرڪٽ اولهه پوليس جڏهن پڇا ڪئي ته چيو ڦورو کي ڳولي رهيو هئس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button