سنڌ

ٽنڊوآدم واسڻ جو سهري ۽ ڏيرن تي ٻن سالن کان زيادتي جو الزام

ٽنڊي آدم جي ڪهيري پاڙي جي رهواسڻ ناري جو سهري ۽ ٻن ڏيرن تي ٻن سالن تائين مسلسل زيادتي ڪرڻ جو الزام، حمل سان ٿي وئي. ان سلسلي ۾ متاثر ناري نرما ڪهيري ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته 4 سال اڳ ۾ لاکا روڊ واسي نوجوان سان مائٽن شادي ڪرائي، جيڪو مارڪٽ ڪندو هو، 2 سال اڳ مڙس ڪمائڻ جي لاءِ سعودي عرب ويو ته سندس گهرڀاتين مون تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا. هن چيو ته گهر ۾ سهرو ۽ 2 ڏير مسلسل 2 سالن کان لڄ لٽيندا رهيا، جنهن سبب 7 مهينن جو حمل ٿي ويو آهي، هن ٻڌايو ته مزاحمت ڪرڻ تي مونکي ٽئي ڄڻا تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا، وجھه وٺي ڀڄي نڪري وڃي بس ذريعي حيدرآباد پهتس، جتان ماڻهن مونکي ڀاڙو ڏيئي ٽنڊي آدم ۾ مائٽن وٽ پهچايو. هن چيو ته مون سان طلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button