شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 278 هين عرس مبارڪ جي ٻي ڏينهن به مختلف شهرن مان هزارين پانڌيئڙن مزار تي پهچي دعا گهري، مزار تي حاضري دوران ڀيڄ ڀٽائي جي صدائون بلند ڪيون ويو. جڏهن ته پوليس جي سخت سيڪيورٽي سبب مختلف شهرن مان آيل هزارين پانڌيئڙن کي رهائش توڙي کاڌي پيتي جو سامان نه ملي سگهيو. ٻئي طرف پانڌيئڙن روڊ رستن ۽ پارڪن ۾ رات گذاري. هوڏانهن حڪومتي پابندي باوجود ٽائون انتظاميا ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري ڪيترائي اسٽال ۽ دڪان لڳرائي ڇڏيا.
ان حوالي سان پانڌيئڙن جو چوڻ هو ته ڀٽائي سرڪار جي حاضري ڀرڻ لا مختلف شهرن مان پيادل پهتا آهيون، پر هتي رهائش ۽ کاڌي پيتي جون شيون به نه ملي رهيون آهن، جنهن ڪري فٽ پاٿ تي رهون پيا.