سنڌ

پريا ڪماري جي بازيابي: گيانچند جي آئي جي سنڌ سان ملاقات

اقليتن جي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي 10 محرم الحرام تي سنگھرار مان گم ٿي ويل 7 سالن جي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ آئي جي سنڌ مشتاق احمد مھر سان ملاقات ڪئي. صوبائي وزير چيو ته 35 ڏينھن گذري ويا آهن پر پوليس معصوم ٻارڙي کي بازياب نه ڪرائي سگهي آھي، پريا ڪماري جا گھر ڀاتي سخت ڏکارا آهن ۽ ھندو برادري ۾ خوف آهي. جنھن تي آئي جي سنڌ فون تي رابطو ڪري ڊي آئي جي سکر کي معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ حڪم ڏنا ۽ چيو ته ٻارڙي جي بازيابي لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڇپرايو وڃي ۽ معلومات ڏيندڙ لاءِ 25  لک رپين جو اعلان ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button